چندن هار 1

چندن هار 1

چندن هار 1

چندن هار 1: هڪ قسم جو ڳهه (چنڊ جھڙين گول پتلين سان پوتل هار). اصل ۾ هيءُ هار چانديءَ مان ٺهندو هو، جيڪو سڄي ڇاتيءَ کي ڍڪي ڇڏيندو هو. موجوده دؤر ۾ هي هار سون مان به ٺهندا آهن. ٻه هزار سال ق. م ۾ هيءُ هار چانديءَ مان ٺهندو هو، جنهن ۾ چانديءَ جي زنجيرن ۾ ننڍا ننڍا چنڊ جڙيل هوندا هئا، يعني اهو هار جنهن ۾ طوق مثل ننڍڙا ننڍڙا هار جڙيل هجن. ان دؤر ۾ به هن ڳهه کي چندن هار ڪري چوندا هئا. چانديءَ جي تارن ۾ مڙهيل تارن ۽ گھنگھرن جيان ٽن انچن تائين موڪري پٽي وارو هار جيڪو پيٽ جي اڌ حصي تائين پاتل هوندو آهي ۽ هيٺان دُن تائين ڇهن انچن کان نون انچن جو موڪرو پتلو هوندو آهي. هيءُ هار ڪنوار جي ڳهن ۾ شامل هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو